تازه ترين

چيلهار ڀرسان پرڻيل عورت جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

چيلهار ڀرسان پرڻيل عورت جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته وارثن ۽ ڳوٺاڻن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو.

ڳوٺ جنجهير ۾ 40 ورهين جي جيندي زال ڪيول جو سندس گهر جي ڪمري مان ڦاهو کاڌل لاش مليو.

اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ناري مبينا طور  آپگهات ڪري زندگي جو انت آندو آهي جڏهن ته ٻه سال اڳ نوجوان پٽ جي وڇوڙي بعد هوءَ پنهنجو دماغي توازن وڃائي چڪي هئي.

هنن چيو ته گهر وارن سمورو الهه تلهه وڪڻي علاج ڪرايو پر سندس طبيعت ۾ بهتري نه اچي سگهي هئي.

وارثن جو چوڻ آهي ته جيندي گهر جي ڪمري ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
7 %
8kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
35 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون