تازه ترين

چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي، آءِ سي سي سان مسلسل رابطو آهي:محسن نقوي

پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي اميد ظاهر ڪئي آهي ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي، آءِ سي سي سان مسلسل رابطو آهي.

گھرو وزير ۽ چيئرمين پي سي بي محسن نقوي رات دير سان قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪيو، ڪم جو جائزو ورتو ۽ ميڊيا سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ان موقعي تي محسن نقوي جو چوڻ هو ته قذافي اسٽيڊيم جي مرمت جو ڪم 10 آڪٽوبر کان شروع ٿيو هو، اسٽيڊيم جي گنجائش 35 کان 40 هزار تائين ٿي ويندي.

سندس چوڻ هو ته هو چاهي پيو ته راولپنڊي جو اسٽيڊيم به تيار ٿئي، کيس پنڊي اسٽيڊيم جي رپورٽ پهريان ملي ها ته سٺو هو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي مفاد ۾ پهترين فيصلو ڪندا، اهو نٿو ٿي سگھي ته هو ڀارت وڃي کيڏن ۽ ڀارتي ٽيم پاڪستان ۾ نه کيڏي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون