سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن سان هر ممڪن سهڪار يقيني بڻايو ويندو، ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت چيني حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
چيني قونصل جنرل يان يونڊونگ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ چين دوستي، ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل مفادن ۽ سي پيڪ منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي سميت ٽرانسپورٽ جي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
چيني قونصل جنرل، سينيئر صوبائي وزير کي چين جي نئين حڪومت جي قدمن ببات ٻڌايو، سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار طرفان ماس ٽرانزٽ منصوبا ساراهه جوڳا آهن.
شرجيل ميمڻ چيني حڪومت ۽ واپارين کي سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ توڙي ميوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني.
سندس چوڻ هو ته چيني سيڙپڪارن سان هر ممڪن سهڪار يقيني بڻايو ويندو، ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت چيني حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته وفاقي سرڪار خاص طور سنڌ حڪومت چين سان هر قسم جي سهڪار لاءِ تيار آهي، هو چاهن ٿا ته چيني سيڙپڪار سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ خاص طور سيڙپڪاري ڪن، سي پيڪ منصوبو آصف علي زرداريءَ جي ڪوشش سان شروع ٿيو