- Advertisement -
چين جو وزيراعظم لي چيانگ ايندڙ مهيني پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪندو.
سفارتي ذريعن موجب چيني وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻن حصن تي مشتمل هوندو.
دوري جي پهرين حصي تحت چيني وزيراعظم ٻه طرفه دوري تي 14 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچندو، ٻه طرفه دوري ۾ پاڪ-چين لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب دوري جي ٻئي حصي ۾ چيني وزيراعظم 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
اهو يارنهن سالن کانپوءِ ڪنهن به چيني وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو هوندو.
سفارتي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته چيني وزيراعظم ايس سي او جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ چين جي نمائندگي ڪندو.
چيني وزيراعظم پاران ان دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاهدن تي صحيون ڪرڻ جو امڪان پڻ آهي.- Advertisement -
