تازه ترين

روس جو يوڪرين جي شهر جي پولٽاوا ۾ فوجي انسٽيٽيوٽ تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو، 51 ڄڻا مارجي ويا، 235 زخمي

- Advertisement -
روس جي يوڪرين جي شهر پولٽاوا ۾ فوجي انسٽيٽيوٽ تي بيلسٽڪ ميزائلن حملي ۾ 51 ماڻهو مارجي ويا ۽ 235 زخمي ٿي پيا. يوڪريني اختيارين موجب فوجي انسٽيٽيوٽ تي 2 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا، حملي جي نتيجي ۾ 51 ماڻهو مارجي ويا ۽ 235 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب روسي اختيارين طرفان مارجي ويل ۽ زخمي ماڻهن جا وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا ويا آهن. تجزئي نگارن موجب مارجي ويل ۽ زخمين ۾ يوڪريني فوجي شامل ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف پولٽاوا ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. يوڪريني صدر زيلنڪسي روس جي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اڄوڪو حملو هلندڙ سال يوڪرين تي ٿيل حملن مان سڀ کان وڏو حملو ٻڌايو پيو وڃي، روس کي ان حملي جو جواب چڪائڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون