چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران چيني سفير سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ڀائيواري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن به شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
38%
2.4m/s
0%
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
24 °

تازه ترين خبرون