سڪرنڊ ڀرسان ڏير ڇرين جا وار ڪري پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سڪرنڊ ڀرسان ڏير ڇرين جا وار ڪري پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو. پنهل خان چانڊيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت رند ۾ جوابدار سلطان رند ڇرين جا وار ڪري 30 ورهين جي مائي منگل زال نادر رند کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ آهي ته عورت جي ڳچيءَ ۽ جسم جي ٻين حصن تي ڇري جا وار ٿيل آهن. ٻئي پاسي ناري منگل جي مڙس نادر علي رند جو چوڻ آهي ته سندس گهر واري کي ڀاءُ سلطان بيگناهه قتل ڪيو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته  واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو آهي کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
38%
2.4m/s
0%
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
24 °

تازه ترين خبرون