ڇاڇرو واسي پوليس اهلڪار روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس اهلڪار اڪرم رند ڇاڇرو کان مٺي وڃي رهيو هو ته مٺي ويجهو موٽرسائيڪل سان حادثو پيش آيو ۽ هو زخمي ٿي پيو.
ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي جي سول اسپتال کان حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته هن دم ڌڻي حوالي ڪيو .
نوجوان پوليس اهلڪار ڇاڇرو جي ڳوٺ گل محمد رند جو رهواسي هو مٺي پوليس لائين ۾ ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.