ڇا شگر جا مريض افطاري ۾ کجور کائي سگهن ٿا؟

- Advertisement -
رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ اڪثر ماڻھو کجور سان روزا افطار ڪرڻ پسند ڪندا آھن پر ھِن ميوي ۾ قدرتي مٺاڻ تمام گھڻي ھوندي آھي ته پوءِ ڇا اھو شگر جي مريضن لاءِ نقصانڪار ناھي؟. شگر ھڪ اھڙي بيماري آھي، جنھن ۾ مٺاڻ جو استعمال نقصانڪار سمجھيو ويندو آھي. پر ھتي اھا ڳالھھ اهم آھي ته ڪھڙي قسم جو مٺو استعمال ڪيو پيو وڃي. ميون يا ڀاڄين ۾ مليل قدرتي مٺاڻ کنڊ کان مختلف صحت تي اثر رکن ٿيون. شگر جي مريضن کي گليسيمڪ انڊيڪس (جي آءِ) جي موجب پنھنجي کاڌي جي چونڊ رکڻ گھرجي. ھن انڊيڪس ۾ ھڪ کاڌو رت جي شگر تي اثر جي بنياد تي زيرو کان 100 جي پيماني تي درجا بندي ڪئي وئي آھي زيرو جو مطلب آھي بلڊ شگر تي ڪو اثر ناهي، جڏھن ته 100 پوائنٽ شگر جي نشاندھي ڪري ٿي. ھن انڊيڪس ۾ شامل کاڌو جنھن جو حصو 55 کان ھيٺ ھجي، اھو شگر جي مريضن لاءِ سٺو سمجھي سگھجي ٿو، کجيون (44 کان 53 جي اسڪور سان) ھڪ اھڙو ميوو آھي. يعني ان کي کائڻ سان رت ۾ گلوڪوز جي ليول ۾ فوري طور تي اضافو نه ٿيندو آھي ڇو ته ھن ميوي ۾ موجود فائبر نالي ھڪ ٻيو غذائي عنصر بلڊ شگر ليول کي مستحڪم رکڻ ۾ مدد ڪندو آھي. فائبر جسم ۾ کنڊ جي جذب کي سست ڪري ٿو ۽ رت جي شگر جي سطح تي بتدريج اثر رکي ٿو. ھڪ يا ٻن کان وڌيڪ کجور کائڻ سان شگر جي مريضن کي نقصان ٿي سگھي ٿو. کجور کائڻ سان گڏوگڏ افطار ۾ صحتمند متوازن غذا کائڻ به ضروري آھي. نوٽ: هي عام معلومات آهي، پڙهندڙن کي گهرجي ته ان سلسلي ۾ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
24%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
25 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون