آصف حيدر شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

- Advertisement -
وفاقي حڪومت 22 گريڊ جي آفيسر سيد آصف حيدر شاهه کي سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي آصف حيدر شاهه کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ سيد آصف حيدر شاهه  موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي سيڪريٽري طور مقرر هو. سيد آصف حيدر شاهه 1993 ع ۾ سول سروسز ۾شموليت اختيار ڪئي. آصف حيدر شاهه ڪمشنر حيدرآباد، ڪمشنر ڪراچي، اسپيشل سيڪريٽري ڪيبينيٽ ڊويزن، وفاقي سيڪريٽري ثقافت ۽ وفاقي سيڪريٽري پاور ڊويزن طور  ذميواريون انجام ڏئي  چڪو آهي. ترجمان موجب آصف حيدر شاهه پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر آهي، هن  آءِ بي اي ڪراچي  مان ايم بي اي جي ڊگري، آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري ۽ هارورڊ اسٽينفورڊ يونيورسٽي مان فيلوشپ حاصل ڪئي….. ترجمان موجب آصف حيدر شاهه وٽ غير معمولي انتظامي صلاحيتون آهن ۽ عوامي خدمت جي فراهمي لاءِ هڪ فعال طريقو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ آصف حيدر شاهه جي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪمشنر طور سندس ڪارڪردگيءَ کي سماج جي مختلف طبقن طرفان ساراهيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
19%
2.7m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون