ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جي ضمانت واري درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران مولوي احمد شاھاڻي، محبوب ساند ۽ نويد جي ضمانت بابت ڌرين جي وڪيلن دليل ڏنا.
عدالت 3 ڊسمبر تائين جوابدارن جي ضمانت واري درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر شاھنواز جي وڪيل سجاد چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ جوابدار ڌر جي وڪيلن مک جوابدار مولوي احمد شاھاڻي بابت شاھديون پيش ڪيون تھ اھو ان وقت واقعي واري هنڌ تي موجود نھ ھو،
هن چيو ته جوابدار محبوب ساند بيمار، ۽ نويد جي ننڍي عمر ھئڻ بابت ضمانت لاءِ دليل پيش ڪيا ويا، جڏھن تھ هنن جوابدار ملوث ھئڻ بابت عدالت ۾ دليل ڏنا.
سندس چوڻ هو ته هن مولوي احمد شاهاڻي جي فيس بڪ جي پوسٽ پڻ عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنھن ۾ ھن لکيو ھو تھ ھو ڊاڪٽر شاھنواز جو لاش دفن ٿيڻ نھ ڏيندا.
ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو چيو تھ اڃا تائين ڊاڪٽر جي لاش کي باھ ڏيڻ واري واقعي جي وڊيو ۽ ٻين ثبوتن جي فارينزڪ رپورٽ ناھي آئي.
ايڊووڪيٽ اظھر آرائين چيو تھ سنڌ حڪومت جيڪا شروعاتي جاچ رپورٽ پڌري ڪئي، ان ۾ واضح طور تي انھن جوابدارن کي ملوث قرار ڏنو ويو آھي، اميد آھي تھ جوابدارن جي ضمانتن وارو فيصلو رد ٿيندو.
ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريي چيو تھ سنڌ حڪومت شروعاتي رپورٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ ڪيس ۾ ڪو خاطر خواھ ڪردار ادا ناھي ڪيو،
هن چيو ته ايف آءِ اي بھ پنھنجي شروعاتي چالان ۾ ڄاڻايو ته ھنن پوليس عملدارن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ساڻن رابطو ڪيو پر انھن اڃا تائين بيان رڪارڊ ناھن ڪرايا، جن پوليس آفيسرن اڃا ضمانتون ناھن ڪرايون، ڇا سنڌ حڪومت انھن مان اھي سھولتون واپس ورتيون آھن؟
ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جي ضمانت واري درخواستن تي فيصلو محفوظ
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


