ڪوڙي مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سندس وارث ۽ وڪيل عمرڪوٽ کان سنڌڙي ٿاڻي تي پهچي ويا.
شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو سالو ۽ ٻيا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ويٺل آهن.
شهيد ڊاڪٽر شاهنواز جي سالي ابراهيم ڪنڀر جو چوڻ آهي ته گهرو وزير جي جاچ رپورٽ ۾ جيڪي ڪوڙي مقابلي ۾ ملوث آهن انهن سڀني کي ڪيس ۾ نامزد ڪرايو ويندو.
ڊي ايس پي فضل الحق چانڊيو چيو آهي ته پوليس طرفان مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر تي 2 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جيڪي هن ايف آءِ آر کانپوءِ سي ڪلاس ڪيا ويندا.
هن چيو ته مقتول شاهنواز ڪنڀر تي سنڌڙي پوليس پاران هڪ پوليس سان مقابلي ۽ ٻيو غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
