- Advertisement -
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿڀري قتل واري واقعي بعد سندس غائباڻي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن سان تعزيت ۽ آخري آرام گاهه تي حاضري بعد غائباڻي جنازي نماز ادا ڪئي.
غائباڻي جنازي نماز ۾ صوفي فنڪار مانجهي فقير، مسعود لوهار، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو سميت سياسي سماجي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مقامي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عمر ڪوٽ پوليس هٿان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
هنن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي حقيقتون پڌريون ڪيون وڃن.- Advertisement -
