- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام نه آهي، آئين تي عمل نه ڪرڻ سبب ملڪ جو هر ادارو ڪمزور ٿي رهيو آهي.
ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ سياسي توڙي معاشي استحڪام ناهي نه ئي آئين محفوظ آهي.
هن چيو ته دنيا پاڪستان سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سندن معيشيت به ٺيڪ ناهي، آئين تي عمل نه ٿيڻ سان ڏکيائن ۾ اضافو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجي ۾ بزنس ڪميونٽي جي دلچسپي تي خوشي آهي، آءِ ٽي شعبي سان روينيو وڌائي سگهجي ٿو.- Advertisement -
