تازه ترين

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري ڪيس ۾ گرفتار 9 جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ميرپورخاص جي عدالت مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري ڪيس ۾ گرفتار 9 جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عمرڪوٽ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 09 جوابدارن کي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش  ڪيو ويو. عدالت گرفتار جوابدارن کي 07 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي سالي وڪيل ابراهيم ڪنڀر جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ لاش ساڙڻ جو ڪيس  34  ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو هو. پوليس پاران ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 09 جوابدارن مولوي احمد شاهاڻي، مولوي رياض پنهور، شير علي سميجو، محبوب علي ساند، غلام مجتبيٰ پنھور، نور حسن پنھور، غمشاد علي پنھور، محمد صيفل پنھور ۽ مولوي امجد پنھور کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جوابدارن کي 07 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي ۾ گهربل 25 کان وڌيڪ جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون