- Advertisement -
بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي آپريشن دوران وڏي ڪاميابي ملي آهي.
ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آپريشن دوران تربت مان آپگهاتي بمبار عورت کي گرفتار ڪيو آهي.
ذريعن موجب گرفتار آپگهاتي بمبار عورت جي سڃاڻپ عديلا بلوچ جي نالي سان ٿي آهي.
ذريعن موجب عديلا بلوچ گرفتاري وقت تربت ٽيچنگ اسپتال ۾ نرس طور ڪم ڪري رهي هئي.
گرفتار عورت بمبار عديلا بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هوءَ هڪ قابل نرس آهي ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن لاءِ هڪ پروجيڪٽ هلائي رهي آهي.
عديلا بلوچ چيو ته سندس ڪم ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ زندگيون بچائڻ آهي.
هن چيو ته اها سندس بدقسمتي آهي جو اهڙن عنصرن سان گڏ رهي آهي جن کيس سڌي رستي کان ڀٽڪايو.
سندس چوڻ هو ته کيس اهڙي طرح ورغلايو ويو جو هوءَ آپگهاتي حملي لاءِ تيار ٿي وئي، دهشتگردن طرفان هڪ نئين ۽ خوشنصيب زندگي جا سرسبز باغ ڏيکاريا ويا.
عديلا بلوچ جو چوڻ هو ته هن کان سواءِ ٻيا به بلوچ نوجوان اتي موجود هئا جن کي ورغلايو پئي ويو.
عديلا بلوچ جو چوڻ هو ته دهشتگردن طرفان اهو تاثر ڏيڻ ته بلوچ عورتون مرضيءَ سان آپگهاتي حملا ڪنديون اهو بلڪل غلط آهي.
هن چيو ته دهشتگرد بلوچ عورتن کي بليڪ ميل ڪري ڦاسائن ٿا، جنهن جي هوءَ اکين ڏٺي شاهد آهي.
عديلا بلوچ نوجوانن لاءِ ڏنل پيغام ۾ چيو آهي ته اهي اهڙي غلطي نه ڪن جيڪا هن کان ٿي آهي.
عديلا بلوچ جي گرفتاري ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته دهشتگرد بلوچ عورتن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
عديلا بلوچ جي ڳالهه ٻولهه بلوچ نوجوانن لاءِ واضح پيغام آهي ته اهي دهشتگردن جي تباهي جو رستو اختيار ڪرڻ بدران بلوچستان جي ترقي جو رستو وٺن.- Advertisement -
