- Advertisement -
امريڪي رياست فلوريڊا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي گالف ڪلب ڀرسان فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، اڳوڻي صدر جو چوڻ آهي ته اهڙا واقعا سندس حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگھن.
امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن فلوريڊا ۾ پيس پام بيچ ۾ موجود ڊونلڊ ٽرمپ جي گالف ڪلب ڀرسان فائرنگ ٿي، فائرنگ امريڪي صدارتي اميدوار گالف کيڏي رهيو هو.
امريڪي ميڊيا موجب، فائرنگ سبب دونلڊ ٽرمپ فائرگ سبب محفوظ رهيو، امريڪي جاچ واري اداري ايف بي آءِ واقعي کي ٽرمپ جي قتل جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.
پام بيچ جي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪار جو چوڻ آهي ته ٽرمپ بندوق بردار شخص کان 400 کان 500 گز جي فاصلي تي هو، عملدارن کي اي ڪي 47 قسم جو هٿيار مليو آهي، سيڪريٽ سروس به حفاظتي قدم طور فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو محفوظ ۽ بلڪل ٺيڪ آهي، اهڙي قسم جا واقعا سندس حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگھن،هو ڪنهن به صورت ۾ هٿيار ڦٽا نه ڪندو.
خيال رهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي جولاءِ ۾ به چونڊ ريلي دوران فائرنگ ٿي هئي جنهن سبب زخمي ٿيو هو جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ هڪ ڄڻو مارجي ويو هو.- Advertisement -
