آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان عهدو سنڀاليندي ئي اڳوڻي صدر جو بائيڊن دور جا 78 صدارتي حڪم رد

spot_img
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قسم کڻندي ئي پهرين ڏينهن اڳوڻي صدر جوبائيڊن جي 78 صدارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي نون ايگزيڪٽو آرڊرن تي صحيح ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ جي قسم کڻڻ واري تقريب کانپوءِ ڪيپٽل ون ايرينا ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ٽرمپ جي حامين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوليس سوڌو مختلف ادارن جي دستن طرفان نئين صدر کي سلامي ڏني وئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر بابت ايلچي اسٽيووٽڪوف به خطاب ڪيو ۽ تقريب ۾ اسرائيلي يرغمالين جي خاندانن جو تعارف ڪرايو. ان موقعي تي صدر ٽرمپ ڪيترن ئي ايگزيڪٽو آرڊرن تي صحيحون ڪيون ۽ اڳوڻي صدر جوبائيڊن جي 78 صدارتي قدمن کي به رد ڪري ڇڏيو. وائٽ  هائوس موجب، صدر ٽرمپ ڪيپٽل حملي ۾ ملوث 15 سئو ماڻهن کي معافي ڏيڻ جي آرڊرن تي صحيحون ڪيون. صدر ٽرمپ فيڊرل ملازمن جون ڀرتيون منجمد ڪرڻ جي آرڊر تي به صحيح ڪئي جڏهن ته ملازمن لاءِ گهران ڪم ڪرڻ جي سهولت پڻ ختم ڪئي وئي. ڊونلڊ ٽرمپ امريڪا جي پيرس ماحولياتي معاهدي کان ڌار ٿيڻ جي آرڊر تي پڻ صحيح ڪئي ۽ ان سان گڏ مصنوعي ذهانت پاليسي بابت جوبائيڊن جو ايگزيڪٽو آرڊر رد ڪيو. صدر ٽرمپ اڳوڻي صدر جوبائيڊن جو 2030 تائين اليڪٽرڪ ڪارن جي وڪري جو هدف 50 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو آرڊر به رد ڪيو. ٽرمپ بارڊر تحت پناهگيرن جي وطن ۾ داخل ٿيڻ واري ايگزيڪٽو آرڊر تي پڻ صحيح ڪئي ۽ ڪارٽلز کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ان سان گڏ ڏاکڻي سرحد تي نيشنل ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي آرڊر تي به صحيح ڪئي. صدر ٽرمپ عالمي ماحولياتي معاهدن ۾ امريڪا کي اولين ترجيح ڏيڻ جي آرڊر تي به صحيح ڪئي. وائٽ هائوس موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ نگران ڪابينا ۽ ڪابينا سطح جي عهدن جو به اعلان ڪيو، نگران ڪابينا جا ميمبر انهن عهدن تي باضابطه مقرري تائين خدمتون سر انجام ڏيندا. هوڏانهن وائيٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اميد آهي ته سعودي عرب به ابراهام معاهدي  ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته اميد آهي ته سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻيندو…..  

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون