تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڊيرا اسماعيل خان: پوليس ٽريننگ اسڪول تي حملو ڪندڙ پنج دهشتگرد مارجي ويا، 6 اهلڪار شهيد

- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي پوليس ٽريننگ اسڪول تي حملي ۾ 6 اهلڪار شهيد، 12 اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي ويا، جڏهن ته پنج دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز پوليس ٽريننگ اسڪول ڊي آءِ خان تي دهشتگرد حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي حملو ڪندڙن کي ناڪام بڻايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل گاڏي مک دروازي سان ٽڪرائي ڇڏي، پوليس اهلڪارن جي بروقت جوابي ڪارروائي ۾ 3 خوارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻن خوارجين جي ڪامپليڪس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش بروقت ناڪام بڻائي وئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ تربيت حاصل ڪندڙ اهلڪارن سميت 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، بهادري سان مقابلو ڪندڙ 12 پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيا، خوارجين حملي دوران مسجد کي به نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جو علائقي ۾ خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن ۽ شهرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون