- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي پوليس ٽريننگ اسڪول تي حملي ۾ 6 اهلڪار شهيد، 12 اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي ويا، جڏهن ته پنج دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز پوليس ٽريننگ اسڪول ڊي آءِ خان تي دهشتگرد حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي حملو ڪندڙن کي ناڪام بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل گاڏي مک دروازي سان ٽڪرائي ڇڏي، پوليس اهلڪارن جي بروقت جوابي ڪارروائي ۾ 3 خوارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻن خوارجين جي ڪامپليڪس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش بروقت ناڪام بڻائي وئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ تربيت حاصل ڪندڙ اهلڪارن سميت 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، بهادري سان مقابلو ڪندڙ 12 پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيا، خوارجين حملي دوران مسجد کي به نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جو علائقي ۾ خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن ۽ شهرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون…….- Advertisement -
