تازه ترين

ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي حملي ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو

- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي حملي ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو، جوابي فائرنگ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مورگه حسن خيل واري علائقي ۾ ٽن موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او دين محمد شهيد ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار دهشتگرد فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس سان مقابلو ٿي ويو. پوليس موجب، پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگرد فرار ٿيڻ وقت دستي بم جو به استعمال ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
24 %
4.8kmh
0 %
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون