- Advertisement -
عام چونڊن جي نتيجن کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ لاءِ جوڙ ٽوڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽيءَ جا آزاد اميدوارن سان رابطا، پ پ ۽ مسلم ليگ ن قيادت جي ملاقات ۾ ڪو بريڪ ٿرو نه ٿي سگهيو جڏهن ته رابطا جاري رکڻ ۽ وڌيڪ ملاقاتون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، پهرين ملاقات ۾ ڪو بريڪ ٿرو نه ٿي سگهيو.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شهباز شريف سان ملاقات ۾ شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.
ذريعن موجب، اڳوڻي صدر چونڊن نتيجن کان اڳ ئي نواز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ واري ميڊيا مهم بابت خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته کين خبر آهي ته اتحادي حڪومت قائم ٿيندي، پنهنجا صلاح مشورا ڪري رهيا آهن، پنهنجي سي اي سي ۽ پارلياماني پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.
ن ليگ ذريعن موجب، مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف مفاهمتي حڪومت لاءِ تجويزون ڏنيون، آصف علي زرداري حڪومت سازي لاءِ پهريان پنهنجي ڪوشش ڪرڻ چاهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪير ٿيندو اڃا تائين ان تي پهرين ملاقات ۾ ڪوبه نالو بحث هيٺ ناهي آيو، ملاقات ۾ رابطا جاري رکڻ ۽ وڌيڪ ملاقاتون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ذريعن موجب، معاملا اڳتي وڌڻ جي صورت ۾ نواز شريف پاڻ به آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو، آصف زرداري ن ليگ کانسواءِ ٻين آپشنن تي به غور ڪري رهيو آهي.- Advertisement -
