ڊکڻ شهر مان هڪ هفتي کان پـُراسرار نموني گم ناريءَ جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي .
پراڻي ٿاڻي جي رهواسڻ ناري سپنا شيخ هڪ هفتي کان پر اسرا نموني گم آهي.
ناري جي پيءُ شاهنواز شيخ ٻڌايو ته سندس ڌيءُ ڪم سان شهر وئي هئي، هفتو گذري ويو آهي واپس ناهي آئي.
هن چيو ته شڪ آهي ته نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي، هو انتهائي غريب آهي، نياڻي جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي.