تازه ترين

ڊکڻ ڀرسان جنوني پٽ دوست سان گڏجي پنهنجي امڙ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

ڊکڻ ڀرسان جنوني پٽ دوست سان گڏجي پنهنجي امڙ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو جڏهن ته سرڪاري فرياد تي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير چنڊام ۾ جوابدار فقير محمد ٻوهڙو ساٿي نزاڪت ٻوهڙو سان گڏجي پنهنجي ماءُ امام ڏني زال حاڪم علي ٻوهڙو کي شھيد پيرچنڊام جي درگاهه اندر گهٽا ڏئي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو.

پوليس جوابدار فقير محمد ٻوهڙو کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ماءُ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جوابدار ٻڌايو ته ماءُ کي شادي ڪرائڻ لاءِ چوندو هو شادي نه ڪرائڻ واري ڳالھه تي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ گهر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيڻ جي ڳالھه ڪئي.

پوليس موجب، عورت جي قبر تي پوليس نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اي ايس آءِ نصرت جکرو جي فرياد تي امام ڏني کي قتل ڪندڙ سندس پٽ فقير ٻوهڙو ۽ سندس ساٿي نزاڪت ٻوهڙو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون