- Advertisement -
ڊکڻ ڀرسان هٿياربندن سرڪاري اسپتال تي ڪاهه ڪري عملي ۽ چوڪيدار کي يرغمال بڻائي هٿيار ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، جڏهن ته بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پي پي ايڇ آئي سرڪاري اسپتال علي خان تي 5 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري اسپتال عملي، ڪم ڪندڙ مزدورن کان موبائل فون، روڪ رقم ۽ چوڪيدار کان رائفل ڦري فرار ٿي ويا.
ڦر واري واقعي خلاف ڪم ڪندڙ چوڪيدار شهمير شر ۽ مزدورن مير خان، نورالدين اڄڻ ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
هنن ڊي آءِ جي ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.- Advertisement -
