تازه ترين

تحريڪ انصاف جي بائيڪاٽ سبب ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس ملتوي، اياز صادق طرفان ڪميٽي برقرار رکڻ جو اعلان

- Advertisement -
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ٿي ويو، جڏهن ته اسپيڪر ڪميٽي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾  ٿيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو  ڪميٽي جي سمورن ميمبرن سان فون تي رابطو ڪري اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پر پي ٽي آءِ ڳالهين ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. تحريڪ انصاف جو هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلو ٿيو  هو ته ستن ورڪنگ ڏينهن دوران ٻيهر اجلاس ٿيندو، اڄ ست ڏينهن پورا ٿي ويا آهن. هن چيو ته 45 منٽن جي انتظار کانپوءِ پي ٽي آءِ پيغام موڪليو ته اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا، هن ساڻن رابطو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پنهنجي اعليٰ قيادت سان رابطو ڪري جواب ڏيڻ جو چيو آهي. اياز صادق چيو ته  مخالف ڌر جي غير موجودگي سبب ڳالهيون نه ٿيون هلي سگهن،  گڏجاڻي اڳتي وڌائڻ جو ڪو مقصد ناهي. هن چيو ته سندن در ڳالهين لاءِ کليل آهن، ٻطرفيون ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته ڳالهين واري ڪميٽي برقرار رهندي، ختم نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته جيڪڏهن هو اجلاس  آيا آهن ته ڪجهه نه ڪجهه کڻي آيا هوندا. هن چيو ته هنن تحريڪ انصاف جي مطالبن جو جواب تيار ڪيو آهي، سندن هاڪاري ڪوشش آهي ته ڳالهيون وڌن. سندس چوڻ هو ته کين اميد آهي ته تحريڪ انصاف ڳالهين ۾ شرڪت ڪندي ۽ جواب ڏيندي جيستائين نه ايندا تيستائين جواب ڪيئن ڏنو ويندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
65 %
1.5kmh
2 %
سُومر
31 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
33 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون