ڊکڻ ۾ ٻن نارين طرفان شهر جي اوباش نوجوان ۽ بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتي خلاف احتجاج ڪيو ويو.
سوڀ شاھ ۽ صبا شاھ ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته شهر جي بااثر عاشق جيھو جو پٽ سلمان جيھو سندن گهر ۾ گهڙي ٽي موبائيل فونون چوري ڪري کڻي ويو آهي،
جنهن جي ڊکڻ ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائي پر پوليس گرفتار جوابدار کي بااثر جي چوڻ تي ڇڏي ڏنو آهي.
هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل موبائيل فونون واپس ڪرايون وڃن.