تازه ترين

ڊگھڙي ڀرسان نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

- Advertisement -
ڊگھڙي ڀرسان نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ڳوٺ قاسم چانگ واسي نوجوان مڪيش پٽ شنڪر ڪولهي گهر جي ڇت جي گارڊر ۾ شال ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو. لاش تعلقي اسپتال ڊگھڙي منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن چيو ته گهر جا سمورا ڀاتي زرعي زمين تي ڦٽي چونڊڻ جي لاءِ ويل هئا، هڪ نوجوان گهر ڪانٽو کڻڻ جي لاءِ آيو جنهن لاش لڙڪيل ڏسي دانهون ڪيون جنهن تي سمورا گهرڀاتي پهتاسين. سندن چوڻ هو ته نوجوان جو ذھني توازن پڻ درست نه هو. اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
55 %
4kmh
100 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون