ڌاڙيلن خلاف فوج، رينجرز ۽ پوليس ذريعي آپريشن جي منظوري

spot_img
- Advertisement -

سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوج، رينجرز ۽ پوليس ذريعي آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر سمورن ڏوهارين کي مارڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪجهه ڌاڙيل فورسز جي ڪنٽرول ۾ ڇو نه اچي رهيا آهن؟، ڌاڙيلن کي هر صورت ۾ جهنم ڀيڙو ٿيڻ گهرجي، افسوس آهي ته ڌاڙيلن جي ڪري گهوٽڪي، ڪشمور پل جي اڏاوت جو ڪم بند آهي، پوليس ۽ رينجرز پل تي ڪم شروع ڪرائن.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو 28 هون اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ صوبائي وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، عمر سومري، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ايڊووڪيٽ حسن اڪبر، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

آءِ جي پوليس رفعت مختار اجلاس کي امن امان بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هلندڙ سال ڀنگ لاءِ اغوا جا 220 واقعا ٿيا جڏهن ته گذريل سال 81 ڪيس ٿيا جڏهن ته 220 مغوين مان 210 کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

هن چيو ته اٽڪل 60 ڌاڙيل آهن ۽ باقي قبيلن جا ماڻهو آهن، 60 ڌاڙيلن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، جن کي آپريشن ۾ نشانو بڻايو ويندو.

نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر چيو ته ڪجهه ڌاڙيل فورسز جي ڪنٽرول ۾ ڇو نه اچي رهيا آهن؟، ڌاڙيلن کي هر صورت ۾ جهنم ڀيڙو ٿيڻ گهرجي، افسوس آهي ته ڌاڙيلن جي ڪري گهوٽڪي، ڪشمور پل جي اڏاوت جو ڪم بند آهي، پوليس ۽ رينجرز پل تي ڪم شروع ڪرائن.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار رينجرز ۽ پوليس کي فوري طور تي پل جي سائيٽ تي وڃڻ جي هدايت ڪئي.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته پل ٺهي ويندي ته ڌاڙيلن جي لڪڻ جا ٿاڪ سامهون اچي ويندا، درياهه جي بچاءَ بند تي 400 پوليس چوڪيون ٺاهيون پيون وڃن، 400 مان 210 چوڪيون ٺاهيون ويون آهن، جن تي 32 سئو پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايڪشن پلان تي بريفنگ ڏني وئي ته آپريشن لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي، هٿيارن جي سمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، خانپور مهر مان ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪئي وئي آهي.

ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايڪشن پلان تي بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته انٽيليجنس ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي ڪير انهن جي مدد ڪري رهيو آهي، ڌاڙيلن خلاف اسٽريٽجڪ آپريشن شروع ڪيو آهي.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته پاڪ فوج ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيارن جي مدد ڪندي، پاڪ فوج سان گڏ رينجرز ۽ پوليس ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڪندا.

آپريشن جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ نگران وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي اسٽريٽ ڪرائيم بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته 2013ع ۾ ڪراچيءَ ۾ 3 هزار 467 قتل ٿيا جيڪي هاڻي گهٽ ٿي 411 تي پهتا آهن، قتل جي واقعن ۾ ذاتي دشمني جا سبب ٻڌايا ويا آهن، قتل جي ڪيسن ۾ 329 جوابدار گرفتار ڪيا آهن.

هن چيو ته 2023ع ۾ اغوا جا 42 ڪيس ٿا هئا جيڪي سڀ بازياب ٿيا، اغوا جي ڪيسز ۾ 62 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، ڀتاخوري جا هڪ سئو واقعا ٿيا جن مان 86 ڀتا خور گرفتار ڪيا ويا.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته 2022ع ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 85 هزار 502 ڪيس ٿيا هلندڙ سال 61 هزار 98 اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪيس اوڀر ضلعي ۾ 17 هزار 570 ڪيس ٿيا.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اوڀر ضلعي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن جي هدايت ڪندي چيو ته سڄي ڪراچي ڊويزن کي اسٽريٽ ڪرائيم کان پاڪ ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.2 ° C
10.2 °
10.2 °
26%
0.8m/s
0%
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون