ڳڙهي حسن مان اغوا ٿيل پوليس اهلڪار ۽ سندس سالي جي ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي .
ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري ۽ سندس سالو عبدالوحيد لاشاري پر اسرار نموني گم ٿي ويا هئا، جڏهن ته وارثن سندن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو هو.
پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري ۽ سندس سالي عبدالوحيد لاشاري تي تشدد ڪرڻ واري ڌاڙيلن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي.
وڊيو ۾ مغوي پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري جو چوڻ آهي ته هو ڪنڌڪوٽ وڃي رهيا هئا ته مگسي لاڙي وٽان ڌاڙيلن اغوا ڪيو، ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنا ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ امجد شيخ کين بازياب ڪرائين.
واضح رهي ته پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري ڳحي حسن ٿاڻي تي مقرر آهي.