تازه ترين

ڌرڻي ۾ جي يو آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڀرپور نموني شرڪت ڪندا: مولانا ناصر محمود سومرو

- Advertisement -
جي ڊي اي جي 16 فيبروري تي حيدرآباد ۾ اعلانيل ڌرڻي جي جي يو آءِ حمايت ڪري ڇڏي، مولانا ناصر محمود سومري چيو آهي ته ڌرڻي ۾ جي يو آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڀرپور نموني شرڪت ڪندا. لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻن راشد محمود سومري ۽ جي ڊي اي اڳواڻ معظم عيل عباسي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. مولانا ناصر محمود سومري چيو ته  مئنيج ۽ انجنيئرنگ چونڊون ٿيون ۽ هڪ جماعت جي لاءِ راهموار ڪري پ پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇوٽ ڏني وئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڌانڌلي لاءِ چونڊون ڪرائڻيون هيون ته پوءِ قوم جو پئسو ڇو ضايع ڪيو ويو آهي، اهڙيون چونڊون قوم سان مذاق آهن. مولانا ناصر محمود سومري چيو ته پير پاڳاري چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، چونڊن واري ڏهاڙي تي فوج، رينجرز ۽ پوليس کي مقرر ڪرڻ گهرج ها پر خانگي هٿياربندن کي پولنگ اسٽيشنن تي بيهاريو ويو. هن وڌيڪ چيو ته فارم 45 ۾ هڪ نتيجا ۽ 47 ۾ ٻيا نتيجا جاري ڪيا ويا، پنوعاقل پي ايس 22 تي مبين بلو، پي ايس 2 ٺل پير شفيق کوسو، اين اي 191 مير شاهزين بجاراڻي کٽي رهيا هئا پر آر او چيو ته هارائي ويا آهن. مولانا ناصر محمود جو چوڻ هو ته ڄاڻايل تڪن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي لاءِ درخواستون ڏنيون آهن جيڪي ڊي آر اوز پاران منظور نه پيون ڪيون وڃن. مولانا ناصر محمود سومري چيو ته  2018ع جي چونڊن ۾ پاڪستان ۾ جيڪو تجربو ڪيو ويو ان تجربي کي 2024 جي چونڊن ۾ ٻيهر ورجايو ويو. هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ جعلي مينڊينٽ خلاف جي يو آءِ تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، سنند تحريڪ اڳيان جعلي مينڊينٽ واري حڪومت نه هلي سگهندي. سندس چوڻ هو ته جيسيتائين صاف ۽ شفاف چونڊون نه ٿينديون، تيسيتائين پاڪستان ترقي نه ڪندو. رڳو سنڌ نه پر سڄي ملڪ ۾ ٻيهر صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعو پوليس جي غلط پلاننگ ۽ هڪ طرفي سوچ جو نتيجو آهي جنهن کي بهتر نموني حل نه ڪيو ويو. هن چيو ته واقعي ۾ پوليس توڙي ڌرين جو نقصان تمام وڏو نقصان آهي، ڪوشش آهي ته معاملو اڳتي نه وڌي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي واقعي جي ماسٽر مائينڊ آهي، واقعي ۾ پوليس کي ڌر نه بڻجڻ گهرجي، هو چاهين ٿا ته معاملو بهتر نموني حل ٿئي ۽ واقعي جي جڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي، واقعي ۾ ڪير به ذميوار هجي ان خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
41 %
2.5kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون