تازه ترين

پيپلز پارٽي وزيراعظم جي عهدي لاءِ مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏيڻ ۽ وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان

- Advertisement -
پيپلز پارٽي وزيراعظم جي عهدي لاءِ مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏيڻ ۽ وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  سياسي بحران جي خاتمي بابت مختلف پارٽين سان رابطي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،   بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ ووٽ ڏيندا پر وزارتون قبول نه ڪيون وينديون،  عام چونڊن جي نتيجن کي احتجاج  سان گڏ قبول ڪيو ويندو، جيڪڏهن پ پ نتيجا قبول نه ڪيا ٻيهر چونڊن طرف وڃڻو پوندو، آئيني عهدا پ پ جو حق آهن. اسلام آباد ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام چونڊن کانپوءِ ملڪي صورتحال ۽ مسلم ليگ ن طرفان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پ پ وزيراعظم لاءِ مسلم ليگ ن اميدوار جي حمايت ڪندي پر وفاقي ڪابينا ۾ وزارتون قبول نه ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر جي عهدي تي پنهنجا اميدوار بيهاريا ويندا. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم لاءِ مسلم ليگ ن جي اميدوار جي حمايت ڪئي ويندي پر وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندا. هن چيو ته سياسي بحران جي خاتمي بابت سياسي پارٽين لاءِ رابطي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته آئيني عهدا پ پ جو حق آهن، صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر جي عهدي تي پنهنجو اميدوار بيهاريو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ٻري رهيو آهي، وسائڻ جي صلاحيت رڳو آصف زرداري وٽ آهي، خواهش آهي ته کيس ملڪ جو صدر بڻايو وڃي. هن چيو ته ملڪ پاپو لسٽ چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جو وزيراعظم ٿيو ته کيس انتقامي سياست ئي ڪرڻي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي جيڪي جمهوريت جي حق ۾ نه آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان پ پ سان اتحاد نه ڪرڻ جي اعلان سان سندن حڪومت ٺاهڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جيڪو ماحول آهي تنهن جو فائدو دشمن کي ئي ٿيندو، انتها پسندي بدران ملڪي سياست ڪرڻ گهرجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کيس بليڪ ميل ڪرڻو هجي ها ته تحريڪ انصاف کان وزيراعظم جي عهدي جو مطالبو ڪيو وڃي ها. هن چيو ته هڪ سياسي طاقت ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ته ٻئي وري ٻڌڻ نه ٿي چاهي، نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست بند ٿيڻ گهرجي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
39 %
5.9kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون