ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ جي ڊي اي اڳواڻ ھالار خان پتافي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو.
ھالار خان پتافي، پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪري باضابطه طور پپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
ان موقعي تي فريال ٽالپر، هالار خان پتافي کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪيو.
ھالار خان پتافي پنهنجي والد جي لاڏاڻي بعد پنهنجي ڀاءُ باري پتافي سان اختلافن سبب ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو ۽ چونڊ ھارائي ويو هو.
ھالار پتافي مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان حصو وٺي پنهنجي ڀاءُ کي ٻن يوسين ۾ شڪست ڏني هئي.
ھالار پتافي جي پارٽي ۾ شرڪت بعد ڏھرڪي تڪ تي پ پ جو اميدوار آساني سان ڪامياب ويندو .
علي گوھر مھر جي پپلز پارٽي ۾ شرڪت بعد جي ڊي اي جي اھم اميدوار جي پ پ ۾ شرڪت سان مقابلي جو امڪان ختم ٿي ويو .