پاڪستان ورلڊڪپ جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي ڊَڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 21 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان ورلڊڪپ جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي ڊَڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 21 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. بينگلورو ۾ کيڏيل ۾ نيوزيلينڊ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 401 رنسون ٺاهيون. انگلش ٽيم طرفان نوجوان بيٽر راچن روندرا سنچري هنئي، جڏهن ته ڪپتان ڪين وليمسن 95 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ فلپس 41، چمپَن 39، ڪانوي 35، سيٽنر 26 ۽ مچل 29 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان محمد وسيم جونيئر 3، حسن علي، افتخار احمد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 401 رنسن جو جبل جيڏو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته 6 جي مجموعي اسڪور تي اوپنر عبدالله شفيق 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد بابر اعظم فخر زمان جو ساٿ ڏيڻ آيو. فخر زمان روايتي جارحاڻي راند جو مظاهر ڪندي ڪيوي بالر کي ڇڪا ۽ چوڪا هڻي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا. فخر زمان سنچري ۽ بابر اعظم ففٽي هنئي. برسات سبب پاڪستان جي اننگز 41 اوورن تائين محدود ڪئي وئي ۽ پاڪستان کي 342 رنسن جو حدف ڏنو ويو. پاڪستان طرفان اوپنر فخر زمان يارهن ڇڪن ۽ 8 ڇوڪن جي مدد سان شاندر سنچري هئي ۽ 126 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان بابر اعظم ٻن ڇڪن ۽ ڇهن چوڪن جي مدد سان 66 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، پاڪستان 25 ڏهائي 3 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون. ٻيو ڀيرو برسات پوڻ سبب ميچ ٻيهر شروع نه ٿي سگهي، جنهن ڪري پاڪستان کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 21 رنسن تان  ڪاميابي ماڻي. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. شاندار سنچري هڻڻ تي فخر زمان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
32%
3.7m/s
0%
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون