ڏوڪري ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ رازا يونين طرفان وڌندڙ مهانگائي ۽ سڪرنڊ واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
عاجز ماڇي، محب جلباڻي، شبير ابڙي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سائنس ڪاليج کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رڳو حڪمران تبديل ٿيندا رهندا آهن پر پورهيت طبقي جي معاشي حالت تبديل ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي.
هنن چيو ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي غريب مسڪين ماڻهن کان ماني جو گرھه به کسي ورتو آهي جڏهن ته بک ۽ بيروزگاري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
سندن چوڻ هو ته سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ بيگناهه ماڻهن تي گوليون ھلائي کين قتل ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي سڪرنڊ واقعي جي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري سزا ڏني وڃي.