ڏوڪري ۾ صحافي محمد رمضان جوڻيجي جي ياد ۾ ڪتابي ميلو لڳايو ويو آهي
ڏوڪري پريس ڪلب جي سهڪار سان نظير احمد ميمڻ ۽ علي رضا جلباڻي پاران ٽائون هال ۾ لڳايل ڪتابي ميلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو.
ڪتابي ميلي جو افتتاح ڏوڪري پريس ڪلب جي نائب صدر فدا حسين ابڙي ۽ صحافي عبدالجبار ميمڻ افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي صحافي قاضي آفتاب، اطهر سنديلو، قاضي فريد، وحيد رمضان جوڻيجو، ساجد جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا.
صحافين جو چوڻ هو ته محمد رمضان جوڻيجو ڏوڪري جو بيمثال ۽ متحرڪ ڪردار هو، سندس صحافتي ۽ سماجي خدمتن کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهجي.
ڪتابي ميلي جي آرگنائيزر نظير ميمڻ، علي رضا جلباڻي، وڪيل احمد ٻگهئي، مهراڻ جوڻيجي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏوڪري شعور وند ماڻهن جو شهر آهي، هتي ڪتابن جي گهڻي خريداري ٿي آهي هو ڏوڪري پريس ڪلب جي ميمبرن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهن