ڏيپلي جي ٽائون ڪميٽي هال ۾ ٿر جي زمين، پاڻي ۽ ماحوليات جا مسئلا ۽ حل بابت سيمينار ڪوٺايو ويو.
ٿر سٽيزن فورم جي سڏ تي ڪوٺايل سيمينار ۾ اوڀايو جوڻيجو، ارباب خالد محمود، وڪيل قيمت راءِ، ٽائون چيئرمين نواز جوڻيجو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏيپلو عمران آرائين، مختيارڪار محمد اسحاق ٽالپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اڳواڻن چيو ته ٿر ڪول جو منصوبو عوام کي خوشحال ۽ ترقي ڏيارڻ بدران ناسور بڻجي رهيو آهي ۽ ڪول جي اوپن پٽ مائننگ ٿيڻ سبب علائقي جي ماحوليات تباهه بڻجي رهي آهي، ماحولياتي تبديلي سبب وڻ، زمين، پاڻي ۽ ڳوٺ متاثر ٿي رهيا آهن.
ھنن چيو تھ ڪوئلي جي ڊمپنگ سبب تيز هوائن سبب وڻن، زمين ۽ گهرن تي مٽيءَ جا تهه ڄمي ويا آهن جنھنڪري ماڻهن ۾ ساهه جي تڪليف ۽ چوپايو مال بيمارين جي ورچِڙهي ويو آهي.
اڳواڻن چيو ته ٿر ڪول جي پراجيڪٽن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي کليل ڇوڙ ڪرڻ سبب سڄي ٿر جي جر جو پاڻي زهريلو ٿيڻ ڪري انساني زندگي لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويو آهي.
سندن چوڻ ھو تھ ٿر جي زمين جي سروي نه هجڻ ڪري ماڻهو روينيو ڪامورن ھٿان ڦرجي رهيا آهن ۽ بنا ڪنهن سبب جي ماڻهو غير قانوني زمين تي قبضا ڪري جهيڙا ڪن ٿا جنهنڪري رتوڇاڻ به ٿئي ٿي.
اڳواڻن چيو تھ ٿر جي زمين سميت شهرن جي سٽي سروي نه ڪئي وئي آهي ڏيپلي سميت ٿر ۾ 145 لوڻ جون کاڻيون آهن جن جون ليزون مقامي ماڻهن بدران ڌارين کي ڏنيون ويون آهن.
ھنن چيو تھ ٿر جي ڪنهن به لوڻ کاڻ تي ڪا به ليبر رجسٽرڊ ٿيل ناهي ۽ نه ئي وري ڪا سيفٽي پاليسي يا صحت پاليسي مطابق ليبر کي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون.
اڳواڻن چيو تھ ڏيپلو تعلقي ۾ ديوي جو وڻ وڏي تعداد ۾ آهي جنهن کي ساڙي ڪوئلو ڪڍيو وڃي پيو جنھن جي دونهن سان ماحولياتي گدلاڻ پيدا ٿئي پئي.
اڳواڻن سيمينار ۾ مسئلا ٻڌائڻ بعد حل بابت تجويزون ڏيندي چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي، روزگار جا موقعا مقامي ماڻهن کي ڏيڻ، زمينن جي سروي ۽ ٽائونن جي سٽي سروي ڪرائي وڃي.
ھنن چيو تھ ٿر لينڊ گرانٽ پاليسي ٺاهڻ، لوڻ جي کاڻن جون ليزون مقامي ماڻهن کي ڏيڻ، پاڻي لاءِ ڌار پاليسي ٺاهڻ، ماحولياتي تحفظ لاءِ ٻوٽا پوکڻ، وڻن جي واڍي تي مڪمل پابندي، جهنگلي جيوت جو تحفظ، ڪوئلي تي مقامي ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ، زمينون ليز تي وٺڻ، پاڻي جي چڪاس ۽ ريسرچ سميت ماحول بهتر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
سيمينار ۾ ٽائون چيئرمين نواز جوڻيجو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏيپلو عمران آرائين ۽ مختيارڪار مير اسحاق ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته جيڪي مقامي مسئلا آهن انهن جي حل لاءِ ھو ڀرپور ڪوشش ڪندا ته جيئن عوام کي رليف ڏئي سگهن.