ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا ۽ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسمان منزه واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جي 6 جوانن شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي.