تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڏکڻ ڪوريا جي صدر صدر يـُون سـُڪ يـُوِل ملڪ ۾ لڳايل مارشل لا جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو

- Advertisement -
ڏکڻ ڪوريا جي صدر صدر يـُون سـُڪ يـُوِل ملڪ ۾ لڳايل مارشل لا جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو. صدر جي مارشل لا جي اعلان واپس وٺڻ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا ۾ مخالف ڌر جو جشن جاري آهي جڏهن ته فوج جي بيرڪن ۾ واپسي شروع ٿي وئي آهي. اسپيڪر جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن مارشل لا خلاف ووٽ ڏئي صدارتي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو. ڏکڻ ڪوريا جي 300 جي ايوان ۾ 190 ميمبرن مارشل لا جي فيصلي خلاف ووٽ ڏنو. ان کان اڳ ڏکڻ ڪوريا جي حڪمران جماعت به صدر کان مارشل لا جو حڪم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. حڪمران جماعت جو هڪ بيان ۾ چوڻ هو ته صدر پارلياماني ووٽ جي پيروي ڪندي مارشل لا جو اعلان واپس وٺي. صدر يـُون سـُڪ يـُوِل جو چوڻ هو ته مارشل لا لڳائڻ جي فيصلي جو مقصد رياست مخالف طاقتن کان قوم کي محفوظ رکڻ هو. هن مخالف ڌر تي رياست مخالف سرگرمين جو الزام لڳائيندي مارشل لا لڳائڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ تي ميمبرن ۽ فوج ۾ ٽڪراءُ پڻ ٿيو هو، ڏکڻ ڪوريا جي مختلف ملڪن ۾ به مارشلا خلاف مظاهرا ڪيا ويا . ٻئي پاسي امريڪا ۽ برطانيا طرفان به ڏکڻ ڪوريا جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون