تازه ترين

ڏکڻ ڪوريا جي صدر صدر يـُون سـُڪ يـُوِل ملڪ ۾ لڳايل مارشل لا جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو

ڏکڻ ڪوريا جي صدر صدر يـُون سـُڪ يـُوِل ملڪ ۾ لڳايل مارشل لا جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو.

صدر جي مارشل لا جي اعلان واپس وٺڻ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا ۾ مخالف ڌر جو جشن جاري آهي جڏهن ته فوج جي بيرڪن ۾ واپسي شروع ٿي وئي آهي.

اسپيڪر جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن مارشل لا خلاف ووٽ ڏئي صدارتي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو.

ڏکڻ ڪوريا جي 300 جي ايوان ۾ 190 ميمبرن مارشل لا جي فيصلي خلاف ووٽ ڏنو.

ان کان اڳ ڏکڻ ڪوريا جي حڪمران جماعت به صدر کان مارشل لا جو حڪم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

حڪمران جماعت جو هڪ بيان ۾ چوڻ هو ته صدر پارلياماني ووٽ جي پيروي ڪندي مارشل لا جو اعلان واپس وٺي.

صدر يـُون سـُڪ يـُوِل جو چوڻ هو ته مارشل لا لڳائڻ جي فيصلي جو مقصد رياست مخالف طاقتن کان قوم کي محفوظ رکڻ هو.

هن مخالف ڌر تي رياست مخالف سرگرمين جو الزام لڳائيندي مارشل لا لڳائڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ تي ميمبرن ۽ فوج ۾ ٽڪراءُ پڻ ٿيو هو، ڏکڻ ڪوريا جي مختلف ملڪن ۾ به مارشلا خلاف مظاهرا ڪيا ويا .

ٻئي پاسي امريڪا ۽ برطانيا طرفان به ڏکڻ ڪوريا جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون