ٻهارو شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، خانگي اسڪول مان چور ٻيون ڀيرو چوري ڪري ويا آهن.
اسڪول مالڪ جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بدامني هجڻ سبب اسڪول مان چوري روز جو معمول بڻيل آهي، ڪڏهن ته چور پاڻي واري موٽر، پکا ۽ سولر پليٽون چوري ڪري ويا آهن.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.