- Advertisement -
کهڙا ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڳوٺ الهوڌايو ناريجو جي ڳوٺاڻن استاد مشتاق ميمڻ، مور ناريجو، محمد نواز ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري خيرپور، لاڙڪاڻي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته چاليهه ڏينهن اڳ محبوب ڪلھوڙو پوليس مبينا مقابلو ڏياري محمد يوسف ناريجو کي گوليون ھڻي ماري ڇڏيو ھو.
هنن چيو ته هو ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرضي کان مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آھن پر انصاف ناھي ملي سگهيو.
سندن چوڻ هو ته ايڊيشنل سيشن جج خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کي ڌار ڌار درخواست ڏنيون جنھن کانپوءِ جي آئي ٽي جوڙي وئي پر جي آئي ٽي رابطو ناهي ڪيو.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري محمد يوسف ناريجو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.- Advertisement -
