کهڙا ۾ ڳوٺاڻن طرفان بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
نويد ڪلهوڙو، رشيدان خاتون، حضوران خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته بااثر فھيم ڪلھوڙو، فرحان، عمران، شبانه، زھران، صبا، زخسانه ۽ ٻين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته بااثرن کي پنھنجي پاسي ڏانھن جائز ڀت کڻڻ لاءِ چيو آھي جنھن تان ڏمرجي ھر روز گھر ۾ گھڙي گھر ڀاتين تي تشدد ڪن ٿا.
سندن چوڻ هو ته بااثر جوابدار، نويد ڪلھوڙي کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڪيترائي ڀيرا کھڙا ٿاڻي تي ويا آھن پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ٿي ڪري.
احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.