کيرٿر نيشل پارڪ ۾ پي پي آر مرض سبب ڪيترائي جانور مري ويا آھن.
وائلڊ لائيف کاتي جي ذريعن موجب، پي پي آر بيماري سبب هن وقت تائين 30 کان مٿي جانور مري ويا آهن .
پي پي آر بيماري سبب کيرٿر جي سرهه جي منھن ۾ سوڄ، اکيون بند ۽ ڳلو خشڪ ٿي وڃي ٿو جنهن سبب اهي مري وڃن ٿا.
ٻئي پاسي وائلڊ ائيف ذريعن ٻڌايو ته ڪيترن جانورن ۾ بيماري آھي، بيماري کانپوءِ بچاءَ لاءِ ڪي بي اپاءَ ناھن ورتا ويا. وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدار واجد شيخ ٻڌايو ته کير ٿر جبل ۾ سرھ ۾ ڪابه بيماري ناھي، سوين جانور آھن، فطري موت ٿيو آھي، پوسٽ مارٽم لاءِ جانورن جا سيمپل ورتا آھن .