کپري ويجهو ٽن ٻارن جي ماءُ جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي.
واهه ڪالوني ۾ روڊ ويجهو عورت جو لاش مليو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتي سندس سڃاڻپ ڪويتا ڌيءَ پپو لوهار طور ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪويتا کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي.
پوليس موجب، ڪويتا کي مڙس ڇڏي ڏنو هو ۽ هوءَ پنهنجي والد جي گهر رهندي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي ڳلي تي تشدد جا نشان آهن پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد اصل حقيقت جي خبر پوندي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.