تازه ترين

ڪارساز جي شهيدن جانيون قربان ڪري تاريخ ۾ نه وسرندڙ بابت لکي ڇڏيو: بلاول ڀٽو زرداري

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ڪارساز سانحي جي شهيدن جانيون قربان ڪري نه وسارڻ جوڳي تاريخ لکي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر  ڪار ساز سانحي جي شهيدن جي ورسي جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته شهيدن جون قربانيون ثبوت آهن ته قوم جمهوريت خاطر ڏکي وقت جو مقابلو ڪري سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته  18آڪٽوبر تي ٿيل ڪار ساز سانحي جو ڏک اڄ به قوم جي ذهنن ۾ ساڳي ريت تازو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اڄ ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا ۽ انهن لاءِ الله تعاليٰ کان رحمت جي دعا گهرن ٿا.

سندس چوڻ هو ته پارٽي طرفان هو شهيدن جي ڪٽنبن سان ٻڌي جو اظهار  ۽ کين  سلامي پيش ڪري ٿو.

پ پ چيئرمين چيو ته ڪار ساز سانحو هميشه ياد ڏياريندو رهندو ته آمريت ۽ دهشتگرديءَ جو ڳانڍاپو تهذيب ۽ انسانيت جو دشمن آهي.

هن چيو ته  شهيد راڻي جو مشن عوام کي بيروزگاري، غربت ۽ ناانصافين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ هو.

پ پ چيئرمين چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي اصل  ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جو ڏينهن هو.

سندس چوڻ هو ته  شهيد محترمه  هڪ جامع ويزن ۽ مشن سان گڏ وطن واپس آئي هئي، بينظير ڀٽو جو مشن پاڪستان جي عوام کي آمريت ۽ دهشتگردي جي ڳٺ جوڙ  کان آزاد ڪرائڻ هو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته واعدو ڪريان ٿو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن ۽ مشن کي پورو ڪنداسين ۽ ملڪ کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي سياسي، معاشي ۽ جمهوري طاقت بڻائينداسين.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
52 %
2.3kmh
7 %
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °
سُومر
18 °

تازه ترين خبرون