تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڪالاباغ ڊيم سنڌ کي سڪائي ڇڏيندو، هو سنڌ جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به گهٽ ٿيڻ نه ڏيندا: سنڌ جو  وڏي وزير

- Advertisement -
سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ کي سڪائي ڇڏيندو، هو سنڌ جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به گهٽ ٿيڻ نه ڏيندا، ڪرم ايجنسي ۽ پار چنار جي واقعن تي ڏک آهي پر ڌرڻن سان ماڻهو پريشان ٿي رهيا آهن. جهمپير ۾ ڪي فيڊر  جي لائننگ جي منصوبي جي معائني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملير ايڪسپريس جو ايندڙ مرحلو ٻه 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي سان ڪراچي شهر مان ٻاهر ويندڙن جو سفر هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪي بي فيڊر جي لائننگ جي ڪم جو هن هوائي معائنو به ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪي فيڊر جي لائننگ وفاق ۽ سنڌ سرڪار جو گڏيل منصوبو آهي، هلندڙ سال وفاق گهٽ رقم ڏني آهي. هن چيو ته ڪي بي فيڊر جو منصوبو هلندڙ سال 40 سيڪڙو مڪمل  ڪيو ويندو، ڪي بي فيڊر جي گنجائش ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪي بي فيڊر  جي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو جيستائين ڪنهن فورم تي نه ايندو تيستائين ختم نه ٿيندو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به نه ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته پ پ ڪالاباغ ڊيم وانگر ڪئنالن جي به مخالف آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کي ملندڙ پاڻي سان ڪنهن علائقي جو پاڻي گهٽ نه ٿيندو،  سنڌ ۾ ترقي جو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو. هن چيو ته نئين سال ۾ عوام کي درخواست آهي ته هر ماڻهو کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پارا چنار ۾ انساني الميو ٿي رهيو آهي، جنهن تي کين افسوس آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار گورنر جي درخواست حلال احمر ذريعي امداد موڪلي آهي، سنڌ سرڪار پرامن ڌرڻن جي خلاف ناهي. سندس چوڻ هو ته ايم ڊبليو ايم سان ڳالهيون جاري آهن، ڌرڻا ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هڪ هنڌ ڌرڻا هڻڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، اٺن هنڌن تان ڌرڻا ختم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته چئن هنڌن تي احتجاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڌرڻن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪجهه ماڻهو ناراض به ٿي سگهن ٿا، پارا چنار مسئلو اتي ئي حل ٿيندو، هتي ڪجهه ناهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  ڪراچي شهر ۾ ٻيا ڌرڻا ڳالهين يا ايڪشن سان ختم ڪرايا ويندا. هن چيو ته بي آر ٽي بسن کي سموري سنڌ ۾ وسيع ڪيو ويندو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون