تازه ترين

ڪجهه شهرن ۽ مارڪيٽن ۾ 85 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي: خواجا آصف

بچاءَ واري اڳوڻي وزير ۽ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته ڪجهه شهرن ۽ ڪجهه مارڪيٽن ۾ 85 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي، جنهن جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ ريٽ وڌايو ويندو آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بجلي جي بلن ۾ 24 سيڪڙو ٽيڪس لڳي اچي رهيو آهي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي ذميوار هوندي آهي پر هو هاڻي بجلي جي بلن ۾ ورتو پيو وڃي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته الله تعالى جي ڏنل روشني ڪير به استعمال نٿو ڪري، ڏينهن جو ٻارهين وڳي کانپوءِ مارڪيٽون کـُلنديون آهن، دڪانن ۾ 5-5 سئو واٽ جا بلب لڳل هوندا آهن.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اسيمبلي ميمبرن يا وزيرن کي بجلي مفت ۾ناهي ملندي، عدليه ۽ بيورو ڪريسي مفت بجلي استعمال ڪندي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون