روس سان جنگ دوران يوڪرين جي بچاءَ واري وزير کي عهدي تان هٽايو ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

يوڪريني صدر زينلسڪي اعلان ڪيو آهي ته بچاءَ واري وزير اوليڪسي ريزنخوف کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

يوڪريني اسٽيٽ پراپرٽي فنڊ جي سربراهه رستم عمروف کي نئون دفاع وارو وزير نامزد ڪري ڪندي يوڪريني صدر چيو ته هو سمجهي ٿو ته هن وقت کين بچاءَ واري وزارت ۾ نئين اپروچ متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

يوڪريني ميڊيا موجب، اڳوڻي بچاءَ واي وزير اوليڪسي ريزنخوف کي برطانيا جو سفير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

يوڪريني ميڊيا موجب، بچاءَ واري وزير جي تبديلي ڪجهه وقت اڳ طئي ٿي هئي جيڪا زيلنسڪي انتظاميا ۾ وڏي پيماني تي ٿيل ڪرپشن خلافف ڪارروائين جي هڪ ڪڙي آهي.

ياد رهي ته اڳوڻي دفاع واري وزير تي ذاتي حيثيت ۾ ڪرپشن جا ڪي به الزام نه آهن پر وزارت ۾ پروڪيورمنٽ سميت ٻيا ڪيترائي اسڪينڊل سندس تبديلي جو ڪارڻ ٻڌايا پيا وڃن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
35%
4m/s
0%
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون