صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڪنهن کي به حددخلين جي اجازت نه ڏني ويندي، حددخلين جي خاتمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪئي وئي ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ شهر جي روڊن ۽ گرين بيلٽ تي حددخلين جي خاتمي جي حوالي سان اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي صاف سٿرو ۽ خوبصورت شهر بڻائڻ ۾ مڪاني ادارن سان مڪمل سهڪار ڪندي.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهو شهر کي خوبصورت ۽ رونق ڏسڻ نٿا چاهين، ڪنهن به فٽ پاٿ، گرين بيلٽ ۽ سروس روڊ تي حددخلين جي اجازت نه ڏني ويندي، وڏي وزير ميئر ۽ ڪمشنر ڪراچي کي حددخلين جي مڪمل خاتمي لاءِ هدايتون ڏئي چڪو آهي، ڊي سي ۽ پوليس حدخليون هٽائڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪندا.
سندس چوڻ هو ته حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين ڊويزنل هيڊڪوارٽرن مان حددخليون هٽائڻ جي عمل کي تيز ڪيو ويندو ۽ سمورن پارڪنگ پلازه کي فعال بڻايو ويندو، غيرقانوني يا روڊن تي پارڪنگ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ناصر حسين شاهه چيو ته روڊن تي ملبو اڇلائڻ تي مڪمل پابندي هوندي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اهڙي بلڊرن خلاف ڪارروائي ڪري، شهر کي حڪمت عملي تحت صاف سٿرو رکيو ويندو.
هن چيو ته ٽائون ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ پنهنجي دائري جو اختيار حل ڪن، بل بورڊز ٽي ايم سي جي اجازت کان بغير نٿا لڳائي سگهجن. ..