تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي ۾ وڏي وزير ۽ ٻين جي بوهر برادري سان ملاقات

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ۽ گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي بوهري برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مُفدل سيف الدين سان طاهري مسجدِ ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. سينيئر حڪومتي عملدارن ۽ اهم شخصيتن جي صدر جي تاريخي بوهري مسجد آمد تي بوهري برادري جي ماڻهن آجيان ڪئي. بوهري برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفدل سيف الدين مهمانن جي آجيان ڪندي ميڙاڪي ۾ ڏهاڪي جي اهميت تي روشني وڌي. هن امام حسين عليه سلام ۽ سندس ساٿين جي قربانين تي روشني پڻ وڌي. روحاني پيشوا سيدنا مفدل سيف الدين چيو ته سموري مخلوق هڪ آهي، الله کي سڀ کان وڌيڪ محبت ان سان آهي جيڪو پنهنجي ڪٽنب لاءِ وڌيڪ ڪارائتو آهي. هن بوهري برادري جي ماڻهن کي هدايت ڪئي ته ايماندار ۽ قانون جا پابند شهري بڻجن ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن. بوهري برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفدل سيف الدين گورنرن ۽ وڏي وزير جا ٿورا مڃيا ته پاڪستاني حڪومت بوهره برادري جي ڪراچي ۾ ڀلارو عشرو ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر قسم جو سهڪار ۽ مدد ڪئي. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سيدنا مفدل سيف الدين جي ڪراچي آمد سنڌ لاءِ فخر جوڳي آهي، هو دنيا مان محرم جي ميڙاڪن لاءِ ڪراچي ايندڙن جي آجيان ڪن ٿا. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري هن سال ڀلاري عشري لاءِ ڪراچي جي چونڊ تي  سيدنا مفدل سيف الدين جي تعريف ڪئي. هن روحاني ميڙاڪي سان بوهري برادري جا پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن سان لاڳاپا اجاڳر ٿيا ۽ مذهبي ميڙاڪي ۾ مذهبي ۽ رياستي قيادت جي ملاقات سان پاڪستاني معاشري ۾ گڏيل احترام ۽ سهڪار جي مستحڪم روايت جو به اظهار ٿيو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون