تازه ترين

ڪراچي:ايف آءِ اي جون 2 مختلف ڪارروايون، 8 مسافر ڪوڙن ڪاغذن تي سفر ڪرڻ تي گرفتار

ڪراچي ۾ ايف آءِ اي اميگريشن مختلف 2 ڪارروايون ڪندي پنڻ ۽ جعلي دستاويزن تي سفر ڪرڻ ۾ ملوث 8 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو.

ترجمان موجب ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي عمري جي اوٽ ۾ سعودي عرب سفر ڪندڙ 5 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب مسافرن جي سڃاڻپ نوري انور، آسيه بي بي، ثمينه بي بي، سڪينه بي بي ۽ محمد اڪرم جي نالن سان ٿي.

ترجمان موجب مسافرن پاڪستاني پاسپورٽ تي سعودي عرب سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ايف آءِ اي ترجمان موجب اميگريشن ڪليئرنس دوران مسافرن جي شڪ جي بنياد تي جاچ ڪئي وئي جنهن ۾ معلوم ٿيو ته جوابدار پنڻ لاءِ سعودي عرب وڃي رهيا آهن.

ترجمان موجب جوابدار سفري خرچ جي حُالي سان به اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيا.

ايف آءِ اي ترجمان موجب هڪ ٻي ڪارروائي ۾ جعلي ڪاغذن تي سفر ڪندڙ ٽن مسافرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب گرفتار مسافرن جي سڃاڻپ سلمان، محمد نعمان ۽ محمد حسين جي نالن سان ٿي.

ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار اسٽڊي ويزا تي آذربائيجان وڃي رهيا هئا، اميگريشن ڪليئرنس دوران مسافرن جا ڪاغذ شڪي نڪتا.

ترجمان موجب محمد حسين نالي مسافر جي موبائل فون مان جرمني جي جعلي ويزا هٿ ڪئي وئي.

جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن سمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون